اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روانگي واپار ۾ اضافو ۽ دولت جي پيداوار حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جئين ملڪي معيشت مستحڪم ٿئي، ان سلسلي ۾ حڪومت صنعتي ??عب?? جي سهولتڪاري ۽ سموريون امڪاني مراعتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي مختلف ??عب?? سان تعلق رکندڙ مينوفيڪچرنز ۽ مختلف ايسوسيئيشنز جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڪيو، وفد ۾ ميان ذڪاءُ الرحمان، اعظم فاروقي، انيس خواجه، ميان ادريس، عمر احسن خان، شاهد عبدالله، ڪريم عزيز ملڪ، عباس اڪبر خان، عاطف اڪرم شيخ، سعادت اعجاز ۽ الماس ح??در شامل هئا، صنعت وار?? وزير حماد اظهر، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ ٻيا سينئر آفيسر به ملاقات ۾ موجود هئا