اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسرائيلي ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ انهن رپورٽس جي ترديد ڪندي انهن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي جن ۾ پاڪستان پاران ايران جي حمايت جي لاءِ ممڪن طور ائٽمي هٿيار موڪلڻ جي عزم جو الزام هنيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي يروشلم پوسٽ جي 6 آگسٽ جي ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته جي??ڏهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تڪرار وڌي ٿو ته پاڪستان ايران کي شاهين ٿري وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ مي??ائ??ل فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ترجمان چيو ته اهڙيون خبرون ڪوڙيون آهن. هن چيو ته اهڙي طرح جي رپورٽس تي ڪو ڌ??ان ڏيڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته اهڙي بي بنياد رپورٽس جي پٺ??ان ماخذ ۽ ان جي پٺ??ان موجود بدنيتي تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته هي وچ اوڀر ۾ هڪ نازڪ وقت آهي، ان لاءِ اسان ميڊيا سميت سمورين ڌرين کي گذارش ڪريون ٿا ته اهي جعلي خبرن کي ڦهلائڻ ۾ ملوث نه ٿين.