اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف ??ڪتبه فڪر جي 14 عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ر??ضا?? المبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ جي پ??رائي موجب صدر عارف علوي ڪورونا جي خاتمي جي احتياطي تدبيرن تي عملدرآم?? جي لاءِ مختلف ??ڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ان موقعي تي صدر چيو ته ر??ضا?? المبارڪ دوران عالم سڳورا پنهنجي پنهنجي اثررسوخ وارن علائقن ۾ ڪورونا جي خاتمي جي تدبيرن تي خاص طور تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومت سان تعاون جي تلقين ڪن.