اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ معاشي بحالي، توانائي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ اجلاس ٿيو. توانائي جي بچت جو قومي هنگامي پل??ن تيار ڪيو ويو آهي جنهن سان امپورٽ بل ۾ نمايان ۽ واضح گهٽتائي ٿيندي، غيرمعمولي صورتحال ۾ غيرمعمولي قدمن جو فيصلو ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايمرجنسي بچت پل??ن حتمي منظوري جي لاءِ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. سمورن وڏن وزير?? کي به ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ گهرايو ويندو. انرجي بچت پل??ن تي صوبن سان گڏجي عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو به فيصلو ڪيو ويو، نجي ۽ سرڪاري عمارت?? کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ به پل??ن جو حصو آهي. هن ٻڌايو ته هنگامي توانائي بچت پل??ن جو مقصد عوام ۽ معيشت تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ آهي ڇو ته عاليم منڊي ۾ تيل سميت ٻارڻ جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو درآمدي بل 29 بلين ڊالر ساليانو آهي، رپين ۾ اها رقم 6 ??رب رپين کان وڌيڪ آهي، توانائي بچت پل??ن جي نتيجي ۾ 13 بلين ڊالر ساليانو جي بچت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جيڪا پاڪستاني رپين ۾ 262 ارب رپين کان وڌيڪ رقم بڻجي ٿي. هن چيو ته غيرمعمولي حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ غيرمعمولي قدم لازمي آهن جنهن ۾ هر پاڪستاني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سمورن صوب?? کي گڏجي نيشنل ڪنزرويشن پل??ن تي عمدلرآمد ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته توانائي جي بچت پاڪستان جي بقاءَ جو مسئلو آهي.