اسلام آب??د ?? 02 – ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي جمعي ڏينهن حملو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ ۾ ٿيندڙ حملي ۾ هيڊ آف مشن محفوظ رهيو. ترجمان موجب جڏهن ته هڪ پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊ سپاهي اسرار مح??د هيڊ آف مشن جي حفاظت ڪند?? حملي ۾ شديد زخمي ٿيو آهي. بيان ?? چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن تي قاتلاڻ?? حملي ۽ سفارتخاني جي ڪمپائونڊ ت?? حملي جي شديد مذمت ڪري ٿي. ترجمان پنهنجي بيان ?? چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت فوري طور تي ان حملي جي مڪمل جاچ، جوابدارن کي پڪڙڻ، انهن جو محسابو ڪرڻ ۽ افغانستان ?? پاڪستاني سفارتي عملي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.