اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل هي??ٿ سروسز واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته حڪومت هاڻوڪي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل صحت جي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. بيان مطابق عبدالقادر پٽيل برلن ۾ معاشي طور تعاون جي باري ۾ جرمن پارليامينٽري، اسٽيٽ سيڪريٽري، باربل ڪوفلر سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ ۽ بلوچست??ن ۾ غير معمولي قدرتي آفتن سبب صحت جي بنيادي ڍانچو مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پ??ڪس??ان کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي نظام جي بحالي لاءِ عالمي برادري جي امداد جي ضرورت آهي. معاشي معاملن جي تعاون جي باري ۾ باربل ڪوفلر يقين ڏياريو ته جرمني پ??ڪس??ان جي ٻوڏ ??تاثرين سان مڪمل تعاون جاري رکندو. ان موقعي تي پ??ڪس??ان جو سفير ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو.