اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ هنگري جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 50 ملين ڊالر جي موجوده سطح کان وڌائي 150 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، ڪاروبار ۽ س??ڙپڪاري جي مڪمل امڪانن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ??ار?? بيان موجب صدر اها ڳالهه هنگري ۾ ??اڪ??تان جي نامزد سفير آصف حسين ميمڻ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن هنگري ۽ ??اڪ??تان جي نجي شعبن جي وچ ۾ زراعت، عمودي آبادگاري، روبوٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، واٽر مئنيجمينٽ، فلڊ واٽر مئنيجمينٽ، فصل جي انشورنس ۽ اعليٰ پيداو??ر رکندڙ ٻجن جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ ممڪن گڏيل منصوبن جي لاءِ رابطا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هنگري سان تعاون جا وسيع امڪان موجود آ??ن. صدر چيو ته هنگري پاران ??اڪ??تاني شاگردن کي ڏني ويندڙ وظيفن جي مڪمل استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنگري پاران مستقبل ۾ ??اڪ??تاني شاگردن جي لاءِ 200 اسڪالرشپس جي ايوارڊ کي وڌائي 400 ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هنگري ۾ تعليم يافته ۽ تربيت يافته ??اڪ??تاني انساني وسيلن کي واپس ??اڪ??تان طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. صدر ??اڪ??تان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ هنگري جي حڪومت جي حمايت کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته نامزد سفير ??اڪ??تان جي حقيقي تشخص، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف ??اڪ??تاني قوم جي قربانين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف ٿيندڙ امتيازي سلوڪ، ڌمڪين ۽ تشدد کي پڻ اجاگر ڪري. صدر چيو ته هندوتوا جي فلسفي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان سان مسلمانن جي جان ۽ مال خطري ۾ آهن.