ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا جي صدرن وزيراعظم شهباز شريف جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿارڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حما??ت جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او ۽ رياستي سربرا??ن جي ڪائونسل جي هلندڙ اجلاس جي ميزباني ڪندي زور ڏنو ته وزيراعظم پاڪستان جي پيش ڪيل تجويز ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ گهرجي. ايس سي او جي مملڪتي سربرا??ن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز جي سڀ کان اڳ حما??ت جو اعلان ڪيو آهي. ايس سي او مملڪتي سربرا??ن جي ڪائونسل جي تازي اجلاس جي سربراهه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان کانپوءِ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان، منگوليا ۽ ايران جي صدرن پڻ پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حما??ت جو اعلان ڪيو. تاجڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ شديد تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان کي ڀرپور مدد ۽ حمايت فراهم ڪئي وڃي.