ڪراچي -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريس چيو آهي، ته پاڪستان ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، پاڪستان کي فوري ??ور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي ادارن کي مشڪل جي هن گهڙي ۾ فراخدلي سان پاڪستان جي مد?? ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي آئي آهي، دنيا جي ڪنهن به آفت دوران ايتري ??باهي نه ڏٺي، ان صورتحال کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري ??گهجي. هن چيو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، فصلون تباهه ٿيون، چوپايو مال لڙهي ويو، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهو پنهنجا گهر ٻار، ۽ روزگار وڃائي ويٺا آهن. اهڙي صورتحال سبب پاڪستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي اڄ جو وڏو مسئلو آهي. پاڪستان ٻين ملڪن جي قدمن جي قيمت چڪائي رهيو آهي. ڪاربن پکيڙڻ سبب جي-20 ملڪن جو حصو 80 سيڪڙو آهي، ترقياتي ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، صنعتي ملڪن کي بدترين ڪاربن جي نيڪال ڪرڻ ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، اڄ پاڪستان موسمياتي تبديلي جو شڪار آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ هوندو، جيڪڏهن فوري ??ور قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ تمام گهڻا خطرا هوندا. سيڪريٽري ??نرل چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ گڏيل قومون ۽ عالمي برادري کي پاڪستان جي مد?? ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي لکين ماڻهن جي بحالي لاءِ فوري ??ور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي سنجيدگي سان هن ڳالهه تي سوچڻو پوندو ته آفت جي هن صورت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مد?? ڪهڙي طرح ڪئي وڃي. کين پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن کي مشڪل مالي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مد?? لاءِ نئون طريقو جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري ??يزي سان پاڪستان جي مد?? لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت امدادي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ اڳتي وڌي مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي مد?? ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل جو هن مشڪل جي گهڙي ۾ پاڪستان جو دورو سٺو سنئوڻ آ??ي. هن دوري ??ان عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ امدادي ڪوششن ۾ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مد?? ملندي. هن ڀرپو?? مصروفيتن باوجود پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.