اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??ي صدارت ?? سرڪار?? اشتهارن جي ورڇ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏا فيصلا ڪيا ويا آهن، باقاعدگي سان شايع ٿيندڙ اخبارن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان اشتهار جاري ڪيا ويندا. ذريعن موجب ان اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ هئا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اشتهارن جي ورڇ اخبارن ۽ رسالن جي ڇپائي جي انگ جاچڻ جي لاءِ ڊيجيٽل نظام آندو وڃي. اجلاس کي ??خبارن ۽ رسالن جي ڇپائي جاچڻ جي لاءِ فهرست (اي بي سي) جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ قومي ۽ علائقائي اخبارن ۽ رسالن جي اي بي سي بابت جامع پاليسي اختيار ڪرڻ تي غور ڪيو وي??. ا??بارن جي باقاعدگي سان ڇپائي ۽ انگ جاچڻ لاءِ معاملن تي تفصيلي آگاهه ڪيو وي??. ا??لاس کي (سينٽرل ميڊيا لسٽ) ۾ موجود اخبارن جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو وي??. ا??لاس ۾ اصولي فيصلو ڪيو ويو ته باقاعدگي سان شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان اشتهار جاري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اشتهار رڳو باقاعدگي سان شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي ??ي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.