اسلام آباد – 13 211; ??ون (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوج??ان پاڪستاني جبل چاڙهوئن جي ڪاميابين کي ميڊيا جي ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جو مثبت تاثر قدم ڪرڻ لاءِ نوجوانن پاڪستاني جبل چاڙهو جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڃي، نوج??ان جبل چاڙهو پنهنجو اميج بهتر بڻائڻ ۽ مشهور ڪمپنين جي اسپانسرشپ متوجهه ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪن، اي??ان صدر جي پريس و??گ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني جبل چاڙهو شهروزڪاشف، سرباز خان ۽ عبدالجوشي جي ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس اي??ان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري س??ڪر??ٽري، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان اسپورٽس بورڊ، الپائن ڪلب آف پاڪستان (اي سي پي) جي صدر ۽ س??ڪر??ٽري اي سي پي شرڪت ڪئي. صدر پاڪستان جي جبل چاڙهوئن جي جبل چاڙهي جي انتهائي چئلينجنگ ۽ مهم جوئي جي راند ۾ شاندار ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي ڪردار کي ساراهيو، هن بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي چيو ته هو نوجوانن جبل چاڙهوئن لاءِ هڪ ماهر، تجربه ڪار برانڊ مينيجر مقرر ڪيو وڃي، جبل چاڙهوئن کي قومي ۽ عالمي ڪمپنين جي اسپانسرشپ حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نوجوانن ڪوه پئما پرائم منسٽر جي ڊجيٽل اسڪل پروگرام مان فائدو کڻن، بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ نوج??ان جبل چاڙهوئن کي ضروري مدد فراهم ڪن.