اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان پولينڊ سان واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي ??عبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ لاءِ پاڪستان جي نامزد ??في?? ڊاڪٽر خالد حسين ميمڻ سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته گڏيل بزنس فورم جو قيام، توانائي جي ??عبي ۾ پولينڊ جي ڪمپني سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو، نامزد سفير ??اڪستان جي ??ي ايس پي پلس اسٽيٽس جي ??جديد لاءِ پولينڊ جي مسلسل حمايت ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحن جي ??مد وڌائڻ لاءِ نامزد ??في?? سياحت جي ??عبي ۾ موجود موقعا اجاگر ڪري. نامزد سفير ??اڪستان ۽ پولينڊ جي يونيورسٽين جي وچ ۾ اداره جاتي رابطن جي قيام لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته تعليم جي ??عبي ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ سان پاڪستاني يونيورسٽين جو تعليمي ۽ تحقيقي معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نامزد سفير ??ولينڊ ۾ پاڪستاني افرادي قوت جو تعداد وڌائڻ تي به ڪم ڪري. صدر نامزد ??في?? کي پولينڊ ۾ پاڪستان جي ??في?? جي ??ور تي مقرري تي مبارڪباد به پيش ڪئي.