اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪ??ري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب آفيسر کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکي آهي. نيب سکر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم الله ڳجهي سرڪ??ري معلومات غيرقانوني طور تي هڪ گهربل ڏوه??ري ک?? فراهم ڪئي هئي، معلومات جي بنياد تي نيب ڪيس ۾ هڪ گهربل شخص گرفت??ري کان بچ?? فرار ٿي ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪرپٽ ماڻهن کي رڳو نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي. هن هدايت ڪئي ته نيب ڪرپٽ عملدار ۽ ڪيس ۾ شامل ٻين ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب عدالت جي مدد سان ڪيس ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي سزا ڏياري، ڪرپٽ عملدار ملڪ کي دوکو ڏنو، بدعنواني جي خاتمي جي اد??ري ۾ ئي ڪرپشن ڪئي. تفصيل موجب نيب سکر ۾ نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم الله کي سروس مان ڪڍڻ جي سزا ڏني هئي، فهيم الله گرفت??ري جي وارنٽ بابت ??علومات خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رفيق احمد ر??ڄپ?? کي ڏني جيڪو نيب کي خوراڪ ڪيس ۾ گهربل هو، فهيم الله اها معلومات پنهنجي دوست نيب جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر يعقوب ر??ڄپ?? کي ڏني، يعقوب ر??ڄپ?? معلومات رفيق ر??ڄپ?? کي ڏني جنهن جي ڪري هُو موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ گرفت??ري کان بچي ويو. انڪوائري کانپوءِ فهيم الله جي خلاف الزام ثابت ??يڻ تي نيب نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڏني. ڪرپٽ آفيسر سزا جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي هئي. صدر فهيم الله جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ نيب پاران ڏنل سزا کي برقرار رکيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته درخواست ڏيندڙ اڳوڻو فيصلو رد ڪرڻ جي حق ۾ ڪو سبب پيش نه ڪري سگهيو، ڳجهي معلومات فهيم الله کان ٿيندي رفيق ر??ڄپ?? تائين پهتي جنهن جي ڪري ??وا??دار فرار ٿيو، فهيم الله، يعقوب ر??ڄپ?? ۽ رفيق ر??ڄپ?? جي وچ ۾ رابطو به ثابت ??ي ويو. هن چيو ته فهيم الله ۽ يعقوب ر??ڄپ?? جي ٽيليفون ج?? فرانزڪ سان واضح طور ڪرپشن جا ثبوت مليا. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فهيم الله جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي، نيب سکر ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ سامهون ايندڙ سمورن تفصيلن جي جاچ ڪري.