اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم سينيٽر يوسف رضا گيلان?? چي?? آهي ته عمران خان پنهنجي شڪست تسليم ڪري، آخري بال تائين وڙهڻ جي دعويٰ ڪندي وڪيٽون کڻي ڀڄي وي?? آهي. سينيٽ ۾ خيالن جو اظه??ر ڪندي هن چيو ته اڄ مخالف ڌر اڳواڻ گرفتارين جي ڳالهه ڪري ٿو، ڇا کيس مريم نواز، خورشيد شاهه ۽ حمزه شهباز کي جهڙي طرح گرفت??ر ڪيو ويو اهو ياد نه آهي. ملتان ۾ پي ڊي ايم اي جي جلسي ۾ جيڪي رڪاوٽون وڌيون ويون اهي سڀني کي ياد آهن، پي ٽي آءِ 120 ڏينهن ڌر??و هنيو پر ڪ??هن رڪاوٽون نه وڌيون، پي ٽي آءِ ڊڪٽيٽ نٿي ڪري سگهي ته چونڊُون ڪڏهن ڪرايون وڃن، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ قانون ۽ آئين موجب منظور ٿي، جيڪي اتحادي ڇڏي ويا انهن کي غدار قرار ڏئي رهي?? آهي، عمران خان پنهنجي شڪست تسليم ڪري وٺي، اڄ ڊيوڊلو کان به هو استعيفا گهري رهي?? آهي، سڀاڻي جوبائيڊن کان به استعيفا گهري سگهي ٿو.