اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪروٽ هائيڊرو پاور پلانٽ جي ??ڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، ڌرڻن معيشت کي ت??ام گهڻو نقصان پهچايو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ماضي جي غلطين مان سبق سکندي ڌرڻن جو تختو اونڌو ڪيو وڃي ۽ محنت سان پاڪستان جي تعمير ڪئي وڃي. ڪروٽ هائيڊرو پاور پلانٽ جي دوري جي ??وقعي تي ورڪرز ۽ چيني ميڊيا کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2015ع ۾ چيني صدر شي جن پنگ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ان منصوبي جي ??يڙهه جو پٿر رکيو هو، ان منصوبي سان 720 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. هن چيو ته چيني صدر دور انديش ليڊر آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت وٽ مخالف ڌر کي ڀت سان لڳائڻ، معاشري ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ ۽ دشام بازي جي ??اءِ ت??ام گهڻو وقت هو پر مهانگائي، غربت ۽ بيوزگاري کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ??اءِ انهن وٽ وقت نه هو، اڳوڻي وزيراعظم ان منصوبي جو دورو تائين نه ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ آئيني طريقي سان اسان جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي ۽ مختصر وقت ۾ اسان معاشي اهميت جي ??نصوبن تي ڌيان ڏنو آهي ۽ اڄ هن منصوبي جو دورو ڪرڻ جي ??اءِ هتي آيو آهيان. وزيراعظم چيو ته منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني جي ذميوارن ۽ انجنيئرز يقين ڏياريو آهي ته هي منصوبو جلد مڪمل طور تي ڪم شروع ڪندو ۽ نيشنل گرڊ کي 720 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندو، اها سستي بجلي هوندي ۽ جيئن جيئن سيڙپڪاري جو ڪاٿو گهٽ ٿيندو ويندو ۽ قرضن جي ادائيگي ٿيندي ويندي ته بجلي جي ??يمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي ويندي ۽ قرض لهڻ کانپوءِ هڪ وقت ايندو ته بجلي جي ??يمت 3 رپيا في يونٽ ٿيندي، ان منصوبي سان ماحولياتي آلودگي جو مسئلو به نه ٿيندو. هن چيو ته ڪمرشل آپريسن جي ??ڪمل ٿيڻ تائين چارٽر بائنن سان 720 ميگاواٽ بجلي فري مهيا ڪرڻ تي چيني ڪمپني جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان 4 ارب رپين جي بچت ٿيندي، ملڪ کي هن وقت هڪ هڪ ڊالر بچائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪمرشل آپريشن جي ??ڪمل ٿيڻ تائين مفت بجلي جي ??راهمي جو ما??ي ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي، جيڪڏهن ڪوئلي ۽ فرنس سان ڀيٽ ڪريون ته اها بچت 9 ارب رپيا بڻجي ??ي. وزيراعطم چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادر آهن، ان منصوبي تي تي چيني حڪومت ج?? ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان کي قوم کي ورڇ ڪرڻ ۽ ڌرڻو ڏيڻ ۾ وقت نه ضايع ڪرڻ گهرجي، سيپٽمبر 2014ع ۾ چيني صدر جي ??اڪستان اچڻ جي ??وقعي تي پي ٽي آءِ ڌرڻو ڏئي ڇڏيو جنهن جي ڪري چيني صدر جو دورو ملتوي ٿيو، اسان عمران خان کي منٿ ڪئي ته چيني صدر جو دورو ٿيڻ ڏيو، ان کانپوءِ ٻيهر ڌرڻي تي ويهي رهو پر هو هٺ ڌرمي تي بٺيل رهيو، جيڪڏهن اهو منصوبو شروع ٿي وڃي ها ته ڏيڍ سال اڳ مڪمل ٿي ويو هجي ??ا، ڌرڻن سان معيشت کي ت??ام گهڻو نقصان پهتو، هاڻي ٻيهر ڌرڻن جي تياري ڪئي پئي وڃي، اڳوڻي حڪومت ٻڏل معيشت اسان جي حوالي ڪئي، ان کي توانا ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اڳوڻي حڪومت عالمي منڊي ۾ مهانگي اگهن تي ملندڙ پيٽرول سستو ڪري اسان جي ??اءِ بارودي سرنگهه وڇائي وئي. آءِ ايم ايف سان معاهدو خراب ڪيو، هاڻي ڌرڻن سان ڪهڙو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري هيا آهن. وزيراعظم چيو ته حالتن کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ ت??ام گهڻي محنت جي ضرورت آهي، ان جي ??اءِ اسان کي پاڻ کي تيار ڪرڻو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ماضي جي غلطين مان سبق سکندي ڌرڻن جو تختو اونڌو ڪريون ۽ محنت سان پاڪستان جي تعمير ڪريون، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن، عوام تي ڪو اضافي بار نه وڌو ويندو. وزيراعظم چيو ته چين سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين ۽ چيني حصيداري سان توانائي جا منصوبا لڳايا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڪروٽ هائيڊرو پاور پلانٽ ۾ پاڻي جي استعمال جي چارجز جي ??د ۾ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير کي 1.2 ارب رپيا ساليانو آمدني ٿيندي. وزيراعظم پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن کي درخواست ڪئي ته ان رقم جو 10 سيڪرو جيڪو ساليانو 12 ڪروڙ رپيا بڻجي ??و ايندڙ 30 سالن تائين ان علائقي جي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي جي ??اءِ خرچ ڪن جنهن ان منصوبي لاءِ زمينون ۽ قرباني ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، خرم دستگير، چيني ڪمپنين جا نمائندا، انجنيئرز ۽ ڪا??ڪن پڻ موجود هئا.