اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جي لاءِ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان انتهائي اهميت رکندڙ آهي، افغانستان مان پاڪستاني سي??يورٽي فورسز کي نشانو بنائڻ جا واقعا ??ڻت?? جوڳا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن افعانستان بابت خصوصي نمائندي ايمبيسڊر محمد صادق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايڊيشنل سي??ريٽري افعانستان عامر آفتاب قريشي ۽ ڊي جي افغانستان آصف ميمڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. افغانستان بابت خصوصي نمائندي ايمبيسڊر محمد صادق افغانستان ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. حنا رباني کر ان موقعي تي چيو ته افغانستان مان پاڪستاني سي??يورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ جا واقعا ??ڻت?? جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان جي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪري ٿو، پاڪستان جي لاءِ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.