اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪست??ن جي حمايت کي و??جائيندي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم سان او آءِ سي پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪست??ن جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي و??ير فواد حسين ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافتي و??بستگين سان ڳنڍيل آهن. هن عراق سان پاڪست??ن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي و??جايو. وزيراعظم عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪست??ن جي حمايت کي و??جايو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ خاص طور تي عراقي عوام جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي و??ير سان مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن سان گڏوگڏ مسلمان امت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن ۽ اسلامي ملڪن کي درپيش موجوده ??ئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. عراقي پرڏيهي و??ير شاندار استقبال تي و??يراعظم جا ٿورا مڃيندي او آءِ سي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيو.