اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي ??زير حماد اظهر چيو آهي ته روس دن??ا ۾ توانائي فراهم ڪن??ڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي، وزيراعظم جو دؤري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دؤري جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش آهي. ايل اين جي جي حوالي سان 3 کان 4 منصوبا اهڙا آهن جن تي گذريل 6 مهينن دوران پاڪستان جو دؤرو ڪندڙ روسي ٽيمن سان پهريائين ڳالهيون ڪري چڪا آهن. انهن منصوبن بابت معاملن تي وزيراعظم عمران خان روس جي صد?? پيوٽن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، جڏهن ته روس جي نائب وزيراعظم سان باضابطه طور تي ڳالهائيندس. حماد اظهر چيو ته روس دن??ا ۾ توانائي فراهم ڪن??ڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. يورپ، اُتر آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا روس سان گهرا رابطا آهن، جڏهن ته پاڪستان جا اهڙيءَ طرح جا رابطا روس سان پهريان نه هئا، انهن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي.