اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رشين فيڊريشن جي صدر ولاد?? مير پيوٽن جي دعوت تي سڀاڻي ار??ع ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روس روانو ٿيندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ گڏ هوندو. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان موجب وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولاد?? مير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا ق??ئم آهن جيڪي گڏيل احترام، اعتماد ۽ عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ??ڪ جهڙن نظرين جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ ملاقات دوران توانائي جي شعبي ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي آ??يس موجب وزيراعظم عمران خان جو دورو پاڪستان ۽ روس جي گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.