اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته عمران خان منهنجو اڳواڻ آهي، آئون وزيراعظم جي خلاف ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگهان. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دفاع واري وزير چيو ته آئون ٽي وي ڏسي حيران رهجي ويس، مون گئس جي مسئلي تي ڳالهه ڪئي ۽ توانائي واري وزير سان ڳالهه ڪئي، اسان جو مقصد صوبي ۾ گئس جي مسئلي جي حوالي سان هو. گئس جي اسڪيم?? تي ڳالهه ڪئي ته اها رڪجڻ نه گهرجي، هن چيو ته آئون وزيراعظم جي خلاف نه آهيا?? ۽ ??ه ئي ٿي سگهان ٿو ۽ نه ئي ائين سوچي سگهان ٿو ان لاءِ ??هڙيون گمراهه ڪندڙ خبرون نه هلايون وڃن.