اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته چئن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) پنهنجي فارن فنڊنگ جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ناهي ڪرايو، اسٽيٽ بئنڪ جي فراهم ڪيل رڪارڊ موجب ٻنهي پارٽين جا 19 اڪائونٽس اهڙا آهن جيڪي گوشوارن ۾ ظاهر ناهن ڪيا ويا، اهي اڪائونٽس مني لانڊرنگ، ڪارو ڌن سفيد ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويا. انهن اڪائونٽس ۾ اربن جي ٽرانزيڪشنز ٿيون آهن، ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي حمد الله محب جهڙي ڏهاڙيدارن سان ملاقاتون، مودي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ، حريت اڳو??ڻن کان پري رهڻ سميت ملڪ دشمن بياني تي آزاد ??شم??ر ۾ مسلم ليگ (ن) کي عبرتناڪ شڪست ٿي آهي، هاڻي ن ليگ ڌرڻا هڻي يا احتجاج ڪري ??شم??رين پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. هو اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان ??ليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي فارن اڪائونٽس تائين فنانشل ايڪسپرٽ ۽ چارٽر اڪائونٽس جي جاچ پڙتال لاءِ پهچ ڏني وڃي، پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس تائين ماضي ۾ چارٽرڊ اڪائونٽس کي پهچ ڏني وئي هئي اسان ??ه اها سهولت گهري رهيا آهيون. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جيڪو رڪارڊ جمع ڪرايو آهي ان موجب مسلم ليگ ن جا 12 ۽ پيپلزپارٽي جا 7 اهڙا فارن اڪائونٽس آهن جيڪي گوشوارن ۾ ظاهر ناهن ڪيا ويا، هن چيو ته رياضي جي شعبي ۾ ٽي نوان ??ياضيدان فاروق حيدر، شاهد خاقان ??باسي ۽ احسن اقبال جي صورت ۾ سامهون اچي ويا آهن، جيڪي نئون رياضي متعارف ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هئا. 2013ع جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جا ووٽ وڌيڪ هئا ۽ سيٽون گهٽ هيون، ن ليگ کي پي ٽي آءِ ۽ پنهنجي مخالفت ۾ پوندڙ ٻيا ووٽ جمع ڪرڻ ناهن ايندا، هن چيو ته ??شم??ر هڪ پرامن، جدوجهد ڪندڙ ۽ قربانيون ڏيندڙن جو علائقو آهي. مريم صفدر نفرت جو بيانو هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ??شم??ر جي دلير سفير ۽ سچي وڪيل کي حرف تنقيد جو نشانو بڻايو، ان ??ي پوري چونڊ مهم کڻي ڏسي وٺو، هن ڪٿي به پنهنجي چاچي مودي يا آر ايس ايس جي نظريي جي مذمت تائين ناهي ڪئي ۽ نريندر مودي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ جيڪو ظلم ڪري رهيو آهي ان ??ي به خاموشي اختيار ڪئي. هن چيو ته اڄ ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪندڙ راجا فاروق حيدر ٻڌائي ته ڇا کيس جيڪي پنج سال حڪومت جو موقعو مليو اهو غلامي جي حڪومت هئي، ڇا برهان واني، سيد علي گيلاني، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي سميت لکين ??شم??رين جي جدوجهد غلام حڪومت جي لاءِ آهي، ن ليگ جي انهي سوچ کي ??شم??رين ووٽ جي طاقت سان ??د ڪيو، هن چيو ته اليڪشن کان ??ڳ گيلپ سروي موجب 44 سيڪڙو ووٽ پي ٽي آءِ، 12 سيڪڙو ن ليگ ۽ 9 سيڪڙو پيپلزپارٽي کي ملڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي جيڪا بلڪل درست ثابت ٿي، پي ٽي آءِ سان ??نهن ٻن پارٽين جو ڪو مقابلو نه هو پر اص?? ۾ ?? ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي ٻي ۽ ٽئين پوزيشن جي لاءِ پاڻ ۾ مقابلو هو، آئنده به انهن جو مقابلو مخالف ڌر اڳواڻ جي سيٽ جي لاءِ ٿيندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان ??نهن شخص تي ملاقات جي پابندي لڳائي، نواز شريف لنڊن ۾ ويهي ان ??ان ملاقاتون ڪندو آهي ۽ مودي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندو آهي. هن چيو ته ??شم??رين جيڪو مينڊيٽ ڏنو آهي ان کي نڀائينداسين، هن چيو ته ن ليگ جي سدائين اها ئي سياست رهي جتي اليڪشن کٽي وڃن اتي اليڪشن شفاف آهن ۽ جتي اليڪشن هارائي وڃن اتي ڌانڌلي ٿي آهي، انهن جي روئڻ پٽڻ سان هاڻي ڪجهه ناهي ٿيڻ وارو، ان وٽ نه پهرين ڌانڌلي جا ??ي ثبوت هئا ۽ نه هاڻي آهن، هن چيو ته ڪيڏانهن ويو شهباز شريف ۽ حمزه شريف، جيڪو ڪم اهي ٻئي ايتري عرصي ۾ نه ڪري سگهيا اهو مريم صفدر ڪجهه مهينن ۾ ڪري پارٽي کي تباهه ۽ برباد ڪري چڪي آهي، هن چيو ته مريم جو بيانو ابو بچايو آهي هو ملڪي سلامتي، نظريي تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏئي رهي آهي، افغان ??فير جي ڌي جو معاملو اڃان ??اچ هيٺ هو ته هن ان ??ي به سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.