اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم پاڪستان جي مناسبت سان شاندار پريڊ جي انعقاد تي ٽن??ي هٿياربند فوج جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان هڪ قوم آهيون، اتحاد ۽ اتفاق سان اڳت?? وڌندي قومي ترقي ۽ عوامي خوشحالي ج?? منزل حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پريڊ ۾ شريڪ سمورن شرڪت ڪندڙن ۽ دوست ملڪن جي فوجن جي دستن اعليٰ پرفارمنس جو مظ??هر?? ڪيو، وزيراعظم چيو ته چئني صوبن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ثقافت کي گلدستو بڻائي پيش ڪيو ويو. پريڊ ۾ اسان جي هٿياربند فوجن نيوي ۽ فضائيه جي شاندار ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻي مهارت جي ج??لڪ پوري دنيا ڏٺي.