اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪجهه چينلز ۽ اخبارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخبارن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اهي ادارا جيڪ?? حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ ج?? حڪومت روايت?? حڪومت نه آهي، نئين پارٽي نئين سوچ سان ??ڪو??ت هلائي رهي آهي. هو سينيٽ جي اطلاع??ت ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ جي اطلاع??ت ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اطلاع??ت ۽ نشريات واري وزارت کان قومي اشتهارن جي پاليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي اسپورٽس جي ڪم جي طريقيڪار ۽ م??تقبل ۾ نشري??ت ۽ پروگرام ۾ بهتري جي منصوبابندي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.