اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دن??ا ۾ مظلوم ڪشميري حريت پسندن سان والهاڻي يڪجهتي جي ا??ها?? لاءِ ڪارو ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ سان ملهايو ويو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. 27 آڪٽوبر تي پاڪستان جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واڪ، سي??ينارز ۽ سمپوزيم منعقد ٿيا جڏهن ته ميڊيا جي ذريعي سڄي دن??ا جي انساني حقن جي علمبردارن ۽ گڏيل قومن جي پنج وڏين طاقتن جي حڪمرانن کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو مطالبو ڪيو ويو ته ڪشمير جي پراڻي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ۽ معصوم ڪشميري مسلمانن تي جاري ڀارتي فوج جي وحشياڻي ظلم ۽ تشدد جي سلسلي کي روڪيو وڃي.