اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران کان هڪ وفاقي وزير جي ذريعي حڪومت ختم ڪرڻ جي ڌمڪي جي الزام جي مذمت ڪندي ان جي سختي سان ترديد ڪئي آه??، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر گڏيل ڪانفرنس ۾ چيو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ ۾ هڪ راند کيڏي پئي وڃي، جنهن جو سڌو سنئون فائدو اسان جي دشمن ملڪ هندستان کي پهچي رهيو آه??، جيڪڏهن سنڌ جي آءِ جي کي اغوا ڪيو ويو آه?? ته هينئر تائين تعزيرات پاڪستان تحت قابل جرم شق جو ڪيس داخل ڇو نه ٿيو آه??، سنڌ پوليس جي ٽوئيٽ موجب ضابطي تحت ڪيس داخل ۽ گرفتاري ٿي آه??، ٻڌايو وڃي ته سنڌ حڪومت هڪ قابل ضمانت جرم ۾ صفدر اعواڻ جي گرفتاري ڇو ضروري سمجهي، اهو به ڪوڙ ڳالهايو ويو ته ب??اول وزيراعظم سان رابطو نه هئڻ تي آرمي چيف سان رابطو ڪيو، اسان سڀني کي خبر آه?? ته توهان ڪمري جي اندر ڇا ڪندا آه??و ۽ ڪمري ج?? ٻاهر نڪري ڪهڙي جمهوريت جا چيمپئين ٺهي ويندا آه??و، سياسي ٺڳن جي پارٽي (ن) ليگ وارن پنهنجي دورن ۾ ماڊل ٽائون جي معصوم عورتن تي فائرنگ ڪئي، بينظير جون تصويرون هيليڪاپٽر ذريع?? ٻاهر اڇلايون، ن ليگ اهڙين حرڪتن جي خالق آه??، اهي ماڻهو پنهنجي ٿوري ذاتي مفادن، ڪرپشن جي ڪيسن ۽ صحت جي نالي تي ڀڳل پنهنجي اڳواڻن کي بچائڻ لاءِ جمهوريت ۽ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا.