ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪي به اختلاف نه آهن، ان ۾ ڪجهه بي ضابطگيون آهن جن تي نظرثا??ي ڪر?? جي ضرورت آهي، ڪجهه شيون 18 هين ترميم تحت صوبن کي منتقل ڪيون ويون جيڪي مرڪزي حڪومت وٽ رهڻ گهرجن ها، سمورن صوبن جي مشاورت سان انهن بي ضابطگين کي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ مختلف مقامي نيوز چينلز ۽ اخبارن سان واڳيل سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي حڪومت پاران ڪ??رو??ا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪ?? جي قدمن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته شروع ۾ ئي اين سي او سي جا اجلاس باقاعدگي سان ٿي رهيا آهن ۽ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي. هن چيو ته شروع کان ئي آئون سخت لاڪ ??ائ??ن هڻ?? جي خلاف هئس ڇو ته مون کي مزدور طبقي خاص طور تي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جو فڪر هو.