اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ايران ۽ سعودي عرب جو دورو ??ختلافن جي پرامن حل ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سفارتي محاذ تي پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن جو واضح ثبوت آهي، هي دورو ??لائقائي امن ۽ استحڪام کي سگهه ڏيندو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلمان امت ۽ خطي ۾ امن جي مفاد لاءِ متحرڪ ڪر??ار ادا ڪرڻ پاڪستان جي لاءِ اعزاز آهي، جنهن کي اسلامي ملڪ ۽ اولهه دنيا ساراهي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ نيئ?? پاڪستان جو اهو روشن ڪر??ار آهي ۽ ان جي عالمي تشخص کي تبديل ڪري رهيو آهي.