اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثر عوام جي حالتن تي انته??ئي ڏک آهي، حڪومت جلد کان ج??د هر متاثر پاڪستاني تائين پهچندي، عالمي ادارا ٻوڏ متاثرين ج?? مدد جي لاءِ اڳتي اچن، اڪيلي حڪومت متاثر علائقن ۾ مڪمل بحالي جو ڪم نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ٻوڏ متاثرين ج?? مدد جي لاءِ انٽرنيشنل پارٽنرز سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز سميت چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ج?? نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن ج?? مختلف ذيلي ادارن، صحت جي عالمي اداري جا نمائندا پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تاريخي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ايمرجنسي جي صورتحال آهي، وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿيو آهي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، گهرن، ملڪيتن کانسواءِ فصل، باغ ۽ انفراسٽرڪچر جو نالو نشان ختم ٿي ويو آهي، رابطي جا رستا، پليون وهي وڃڻ ۽ زميني رستو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، پاڪ فوج ۽ هيليڪاپٽرز جي مدد سان ريسڪيو ۽ ريليف جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته 2010ع کان به وڌيڪ ٻوڏ تباهي مچ??ئي آهي، خوراڪ، دوائن، خيمن، عارضي پناهگاهن ج?? متاثرين کي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت، صوبن، مرڪزي ۽ صوب??ئي کاتن ج?? حصيداري سان ڪم ڪري رهي آهي، فوري طور تي 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، هر فوت ٿيندڙ خاندان کي 10 لک رپين ج?? ادائيگي ڪئي پئي وڃي، 25 هزار رپين ج?? ٻوڏ متاثرين کي فوري روڪ ادائيگي ڪئي پئي وڃي جنهن تي 80 ارب رپيا خرچ ايندو، مجموعي طور تي 37 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثرين تي خرچ ٿيندي. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهي جو ڪاٿو ايترو وڌيڪ آهي جو اڪيلي وفاقي يا صوب??ئي حڪومتون متاثرين کي مڪمل بحال نه ٿيون ڪري سگهن، عالمي ادارن، تنظيمن، ملڪن ۽ مالياتي ادارن ج?? هنگامي تعاون گهربل آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ج?? وڏي حصي کي اڳ ۾ ئي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، پهرين ڏينهن کان ذاتي طور تي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين ج?? نگراني ڪري رهيو آهيان، وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع قائم ڪيو آهي ته جيئن متاثرين ج?? امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ وڌيڪ تيزي اچي. هن چيو ته عالمي مالياتي ادارن، تنظيمن ج?? مدد سان متاثرين ج?? مدد ۾ وڏي مدد ملندي، فوج، سرڪاري ادارا، شهري خدمتن جا ادارا، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ رضاڪار مشڪل حالتن ۾ وڏي جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن، متاثرين ج?? مدد ??ند?? سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ عوام کي پيش ايندر مشڪل حالتن تي دل انته??ئي ڏکويل آهي، جلد کان ج??د هر متاثر پاڪستاني تائين پهچڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم انٽرنيشنل پارٽنرز کي اپيل ??ئي ته اهي وسيلن ج?? دستيابي سان اسان ج?? مدد ڪن. هن چيو ته طبي عملي سميت درپيش حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري شين ج?? فراهمي گهربل آهي. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي متاثر علائقن ج?? دوري جي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان حڪومت تباهه حال علائقن ۾ انٽرنيشنل پارٽنرز جي دوري جا انتظام ڪندي.