اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت سفارتي ذريعن سان ??ڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب فهرستن جي هڪ ئي وقت مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان ??وجب پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ قيد 266 ڀارتي قيدين (49 سويلين قيدين ۽ 217 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ پاڪست??ني قيدين جي فهرست پاڪست??ني هاءِ ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ ??جم??عي طور تي 462 پاڪست??ني آهن جن ۾ (381 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) شامل آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جدا کان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستانين (52 شهري قيدين ۽ 56 مُهاڻن) کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جن پنهنجي سزا پوري ڪري ورتي آهي ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آهي. ترجمان ??نهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستانين جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي جيڪي آزادي ۽ وطن واپسي جا منتظر آهن. پاڪستان ??ڌيڪ اهو ته 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي 38 گم ٿيل دفاعي اهلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.