اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت ۾ هوائ?? اڏن جي آئوٽ سورسنگ ۽ ايوي ايشن انڊسٽري جي ت??قي جي حوالي سان هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ هوابازي ۽ ناڻي وارن وزيرن ۽ هوابازي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعطم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم هوابازي واري وزارت پاران ڪئي ويندڙ اڳڀرائ?? جو جائزو ورتو ۽ هدايت ڪئي ??ه هوابازي کي هڪ منافعو ڏيندڙ صنعت بڻائڻ ۽ مسافرن کي معياري خدمتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي.