اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جو ا??لا?? ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ا??لا?? ۾ ناڻي واري وفاقي ????ير محمد اورنگزيب کانسواءِ پيٽروليم ۽ صنعت ۽ واپار وارن سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ا??لا?? ۾ گئس ڪمپنين جا سربراهه پڻ شريڪ ٿيا. ڪميٽي ڀاڻ جي قيمتن، اسٽاڪ ۽ مارڪيٽ ۾ ان جي دستيابي جو جائزو ورتو ۽ مشاهدو ڪيو ته ڀاڻ جو ڪافي ذخيرو دستياب آهي ۽ ان جون قيمتون مستحڪم آهن. ڪميٽي ڀاڻ جي صنعت جي لاءِ گئس جي دستيابي جو جائزو ورتو ۽ ان کي اطمينان جوڳو قرار ڏنو. نائب وزيراعظم ربيع جي فصل جي موسم دوران ڀاڻ جي صنعت کي بنا رڪاوٽ گئس جي فراهمي ۽ ڀاڻ جي مستحڪم پيداوار ۽ ذخي??ي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.