پشاور-28 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ا??ورسيز بزنس فورم برطانيا جي نمائندي وفد چيئرمين محمد فاروق خان جي قيادت ۾ گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر ھائوس پشاور مان جاري بيان مطابق وفد گورنر کي فورم جي انتظام ھيٺ برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ پاڪستاني شين ۽ ڪ??رو??ار کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ لاڳاپيل خدمتن کان آگاھه ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جي گورنر وفد سان ڳالھائيندي چيو ته خيبرپختونخوا جي ڪ??رو??اري شعب?? کي عالمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، صوبي ۾ سياحتي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپيل معاملن کي آسان بڻائڻو پوندو. وفد گورنر کي ٻڌايو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڀي?? ۾ خيبرپختونخوا مان ا??ڪسپورٽ نه ھجڻ جي برابر آھي. وفد چيو ته برطانيا سميت سمورن يورپي ملڪن ۾ خيبرپختونخوا جي ڪ??رو??اري نمائش لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاھيون ٿا.