ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ جي مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم شه??ين کي نشانو بڻا??ڻ انتهائي بزدلاڻو عمل ۽ بربريت آهي. هن چ??و ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، امن امان جو قيام حڪومت جي اولين ذميداري آهي، شه??ين جي جان ۽ مال جو تح??ظ ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري واقعي ۾ شهيد ٿيل شه??ين جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪ??و.