راولپنڊي-15 نومبر (اي پي پي) بحرين جي نائب فرمانروا ڀائر ملڪن ۾ فوجي ۽ دفاعي سهڪار کي وڌائڻ وارين ڪوششن جي اعتراف ۾ ايئر چ??ف مارشل کي بحرين ميڊل فرسٽ ڪلاس جي اعزاز سان نوازيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ايئر چ??ف مارشل کي بحرين جي ساخر ايئر بيس تي ميڊل سان نوازيو ويو. تقريب ۾ بحرين جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي. ايئر چ??ف مارشل ميڊل ڏيڻ تي بحرين قيادت جو ??ڪريو ادا ڪيو. ايئر چ??ف مارشل ظهر احمد سڌو سان بحرين انٽرنيشنل ايئر شو جي موقعي تي آمريڪي ايئر فورس سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ڊيرڪ فرانس جي ملاقات به ??ي. ??يئر چ??ف مارشل ٻنهي اسٽريٽجڪ پارٽنرز وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪمانڊر سينٽرل ڪمانڊ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. بحرين انٽرنيشنل ايئر شو ۾ پاڪ فضائيه جي جي ايف-17 بلاڪ ٿري ويڙهاڪ جهازن شرڪت ڪئي. بحرين جي فرمانروا ايئر شو ۾ پاڪ فضائيه جي جٿي جي شرڪت کي ساراهيو.