اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزر سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ??يشيا ۽ ماٺي سمنڊ لاءِ گڏيل قومن جي آبادي (يو اين ا??ف پي اي) بابت فن?? جي علائقائي ڊائريڪٽر پيو اسمٿ ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ يو اين ا??ف پي اي وچ ۾ صنفي مساوات، ٻار ۽ ماءُ جي صحت، خانداني منصوبابندي ۽ نوجوانن کي هٿي ڏيڻ جهڙن اهم سماجي ترقياتي معاملن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو ته جيئن پاڪستان ??ي آباد?? جي مسئلن کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ حل ڪري سگهجي. انساني حقن واري وزارت مان ??اري پريس رليز موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان ??ي سماجي ۽ انساني حقن جي عالمي معيار جي پاسدار?? جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته جٽادار ترق?? جي هدفن تحت صنفي فرق ۽ سماجي ترق?? جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملين کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ان مقصد تحت انساني حقن واري وزارت، مقامي ۽ عالمي ڀائيوارن جي سهڪار سان ??نفي بنياد تي تشدد (جي بي وي) جي خاتمي لاءِ مردن ۽ ڇوڪرن کي به مددگار بڻائي رهي آهي. يو اين ا??ف پي اي ۽ پاڪستان ??ين جي اوز جي ڀائيواري سان ??يار ڪيل ”نيشنل اسٽريٽجي فار ميل انوالوومينٽ ان ??يڊريسنگ جي بي وي“ معاشرتي روايتي تصورن کي چئلينج ??رڻ ۽ تشدد جي روڪٿام ۾ مردن جي ذميداري کي هٿي ڏيڻ جو هدف رکي ٿي. وفاقي وزير ٻين گڏيل قومن جي ايجنسين سان ??اري ڀائيواري تي به روشني وڌ?? جيڪا صنفي مساوات ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار آهي، جن ۾ يو اين وومن، يونيسيف ۽ يو اين ڊي پي جا گڏيل منصوبا شامل آهن. انهن ڀائيوارن جو مقصد اهڙا اثر پيدا ڪرڻ آه?? جيڪي خاص طور تي انهن علائقن ۾ پيش ايندڙ چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهن جتي ثقافتي رڪاوٽون ۽ محدود وسيلا صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ ۾ رنڊڪ بڻجن ٿا. اها ملاقات پاڪستان ۽ يو اين ا??ف پي اي وچ ۾ هڪ گڏيل ويزن جي نمائمندگي ڪري ٿي جنهن جو مقصد هڪ وڌيڪ مساوي ۽ شموليتي معاشري جو قيام آهي.