اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن سان دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقع?? تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نا??ب وزيراعظم ۽ سنگاپور جي پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وسيع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتف??ق ڪيو. نا??ب وزيراعظم سنگاپور سان مضبوط اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي تعاون تي ٻڌل وسيع لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ج?? عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اڀرندڙ عالمي چئلينجن جو جامع جو??ب تيار ڪرڻ جي لاءِ جامع علائقائي موقف جي ضرورت کي اجاگر ڪيو.