رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ اٺين فيوچر ا??وي??ٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس جي موقعي تي ويٽنام جي وزيراعظ?? فام من چن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دورا?? ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ويتنام ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ويٽنام جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم ان مقصد جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آسيان تنظيم ۾ پاڪستان جي مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي ڪوششن جي حوالي سان ويٽنام کي تعاون جي درخواست ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ويٽنام جي وزيراعظم کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير ??واجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير ??بدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير ??طاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.