اسلام آباد-11 آڪٽوبر(اي پي پي) ??سٽ??يليا پاڪستان کي نهري پاڻي جي ورڇ تي تحقيق واري منصوبي لاءِ 3 ملين ??سٽ??يلوي ڊالر فراهم ڪندو، گذريل ڏينهن اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه جي منظوري کان پوءِ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ??سٽ??يلين سينٽر فار انٽرنشينل ايگريڪلچر ريسرچ جي چيف ايگزيڪيوٽو پروفيسر وينڊي امبر گر سان معاهدن تي صحيحيون ڪيون جن جو مقصد موسمياتي مناسبت جي لحاظ کان پاڻي جي ورڇ ڪرڻ آهي. ان معاهدي موجب ??سٽ??يليا پاڪستان کي ان منصوبي لاءِ 3 ملين ??سٽ??يلوي ڊالر فراهم ڪندو اهو منصوبو پنجن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان پاڪستان ۾ نهري پاڻي جي ورهاست ۽ طريقن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ??سٽ??يلوي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.