اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته عالمي سطح تي ماحول دوست معي??ت کي هٿي ڏيڻ سان اُسريل ۽ اُسرندڙ ملڪن ۾ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرفان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي وئ?? آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته گرين معيشتن کي هٿي ڏيڻ سان ملازمتن جي انگ ۾ واڌ ٿي ره?? آهي ??نه?? جو مقصد ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول کي پائيدار بڻائڻ آهي، جڏهن ته رپورٽ موجب ماحول دوست ملازمتن ۾ عو??تن جي نمائندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. عو??تن جي ڀيٽ ۾ مردن کي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ گرين ملازمتون ملي رهيون آهن، جڏهن ته ملازمت ماڻيندڙ عو??تن کي مردن جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو وڌيڪ اجرت ملي ره?? آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيم (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي) جي شعبن ۾ عو??تن جي شرڪت ۾ واڌ ۽ صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ سان سبز معيشت ۾ منتقليءَ جو عمل تيز ۽ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ صنفي مساوات ۽ تعليم ۾ بهتري آڻڻ ضرور?? آهي. رپورٽ مطابق انهن ملڪن ۾ جتي عو??تن کي برابريءَ جا موق??ا ڏنا پيا وڃن اتي ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ وارين پاليسين جو اثر وڌيڪ اثرائتو ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سمورن ملڪن سان اسٽيم ۽ صنفي شموليت کي هٿي ڏئي ماحول دوست معيشت جي ترقي ۾ مدد لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.