اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) گوگ?? پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي تربيت جي حوالي سان حڪومت سان تعاون جو فيصلو ڪيو آهي، گوگل 2026ع تائين پاڪستان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تي??ر ڪندو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ معيشت کي مڪمل طور تي ڊيجيٽل ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن، نوجوانن جي تربيت، آءِ ٽي انفراسٽرڪچر ۽ ريگيو??يٽ??ي نظام جي بهتري جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گوگ?? جي ايشيا پيسفڪ ريجن جي صدر اسڪاٽ بيومونٽ جي قيادت ۾ گوگ?? جي 4 رڪني وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت ڊيجيٽائيزيشن طرف گامزن آهي. ايندڙ 5 سالن ۾ 25 بلين آمريڪي ڊالر جي روانگي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي حڪومتي منصوبن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته نوجوانن جي تربيت، آءِ ٽي انفراسٽرڪچر ۽ ريگيو??يٽ??ي نظام جي بهتري جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت کي مڪمل طور تي ڊيجيٽل ڪرڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان گوگل جهڙي وڏي آءِ ٽي ڪمپني جي تعاون جي خواهش جو اظه??ر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت کي اڳتي وڌائڻ ۾ گوگ?? جي ڪردار کي ساراهيو ۽ گوگ?? جي انهن قدمن کي ساراهيو جن جي ڪري گذريل ڪجهه سالن ۾ هزارين پاڪستانين جي زندگين ۾ نمايان بهتري آئي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظه??ر ڪيو ته گوگل رڳو 2023ع ۾ پاڪستاني نوجوانن کي 10 لک جي لڳ ڀڳ نوڪريون حاصل ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي جيڪو ڊيجيٽل دنيا ۾ پاڪستان جي صلاحيت ۽ پاڪستان جي نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گوگ?? جي عزم جو عڪاس آهي. آءِ ٽي جي حوالي سان حڪومتي قدمن کي ساراهيندي اسڪاٽ بيومونٽ چيو ته گوگ?? پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي تربيت جي حوالي سان حڪومت سان تعاون جو فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي جو معاشي بهتري جي لاءِ استعمال، نوجوانن جي وڏي آبادي ۽ تيزي سان وڌندڙ معيشت گوگل جهڙي ٽيڪ ڪمپني جي لاءِ اهم عمل آهن. هن چيو ته 2026ع تائين گوگ?? پاڪستان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تي??ر ڪندو.