اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽ??ي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪائونسل کي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتحال، خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي جيڪا وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ خطرو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشم??ر جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽ??ي امت جي يڪجهتي ۽ اتحاد جي گهرجن، دنيا جي مختلف حصن ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ زينو فوبيا، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي ۽ ٻين موجوده عالمي چئلينجز جي مسئلن تي پڻ روشني وجهندو.