اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عسڪري سطح تي مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي هٿيار??ند فوج جي ڪمانڊر جنرل لي چيائو منگ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم پ??ڪس??ان اچڻ تي جنرل لي جي آجيان ڪئي. جنرل لي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ اعتماد جوڳا دوست آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پ??ڪس??ان ۾ وسيع عوامي، سياسي ۽ اداراجاتي حمايت حاصل آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم عسڪري سطح تي مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. جنرل لي وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته چين مضبوط ڀاءُ، اسٽريٽجڪ پارٽنر ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان پ??ڪس??ان سان پنهنجي لاڳاپن کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏي ٿو. هن چين ۽ پ??ڪس??ان جي ٻطرفي دوست کي تعاون ۽ حصيداري جي نئين سطحن تائين وڌائڻ ??ي خواهش جو اظهار ڪيو. علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پ??ڪس??ان جي هٿيار??ند فوج جي ڪردار کي ساراهيندي جنرل لي ٻنهي هٿيار??ند فوج جي صلاحيتن کي وڌائڻ ??ي لاءِ پ??ڪس??ان سان پنهنجي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پيپلز لبريشن آرمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين پاڪ چين دوست جي مختلف رخن خاص طور تي ٻطرفي دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ ??ي اتفاق ڪيو.