اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ??رٿ چيو آهي ته ايم پاڪس کان بچڻ لاءِ س??ور?? ضروري قدمن کي ??قيني بڻايو پيو وڃي، س??ور?? هوائي اڏن ۽ زميني رستن تي هيلٿ ورڪرز ۽ نان هيلٿ ورڪرز کي سکيا ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي. صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ايم پاڪس جي جائزه اجلاس دوران ڳالهيائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊي جي هيلٿ ۽ صحت جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بارڊر هيلٿ سروسز پاران س??ور?? هوائي اڏن ۽ انٽري پوائنٽس تي منڪي پاڪس يا ايم پاڪس وائرس کان بچڻ لاءِ جاري قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر احمد مختار ??رٿ چيو ته ايم پاڪس کان بچڻ لاءِ س??ور?? ضروري قدمن کي ??قيني بڻائي رهيا آهيون. هوائي اڏن تي اسڪينرز فعال آهن ۽ اسڪريننگ ۽ سرويلينس جو اثرائتو نظام موجود آهي. ڊبيلو ايڇ او جي ايس او پيز تي عملدرآمد کي ??قيني بڻايو پيو وڃي ۽ روزانو جي بنياد تي صورتحال جي نگراني جاري آهي.