اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??عيشت کي پٽڙي تي آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، خساري جو شڪار حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري، اداراجاتي سڌارا، اندر??ني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون آهن، ايف بي آر جي سئو سيڪڙو ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ عالمي معيار جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، اميد آهي ته ??يڊيا ??يرجانبداراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ شڪيل مسعود، مير ابراهيم، ميان عامر محمود ۽ سلطان لاکاڻي شامل هئا. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تاڙر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. پي بي اي جي وفد عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان اهڙي وقت ۾ اقتدار سنڀاليو آهي جڏهن ملڪ کي بي پناهه مشڪلاتون درپيش آهن. هن چيو ته ??عيشت کي پٽڙي تي آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم وفد کي حڪومت جي معاشي ترجيحن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته خساري جو شڪار حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري، اداراجاتي سڌارا ۽ اندر??ني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون آهن. هن چيو ته حڪومتي سطح تي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا جلد ئي پنهنجون سفارشون پيش ڪندي جيڪي آئون پاڻ قوم آڏو رکندس. هن چيو ته ??فاقي ڪابينا رضاڪاراڻي طور تي پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ??يڊرل بورڊ آف روينيو جي سئو سيڪڙو ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ عالمي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سٺو ٽيڪس ڏيندڙن، برآمد ڪندڙن ۽ عورت انٽرپرينيورز جي حڪومتي سطح تي پذيرائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ميڊيا ??ي اهميت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ??يڊيا ??ياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ذهني ۽ فڪري تربيت ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا ??ي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ??يڊيا نمائندن جي حقن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. هن چيو ته ??ون کي اميد آهي ته ??يڊيا ??يرجانبداراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته ??يڪ نيوز هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن جي روڪٿام ۾ مين اسٽريم ميڊيا ??و ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي.