اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ??اڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت ج?? تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ کي پنج سال مڪمل ٿي ويا آهن، اسان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن اڄ جي ڏينهن ڀارت جي دعوائن کي ڪوڙو ۽ غلط ثابت ڪندي پنهنجي آپريشنل برتري جو عملي مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته ??اڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي جيڪو پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت ج?? تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين.