اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪا??ڙ چيو آهي، ته رياست ۽ عوام وچ ۾ اهڙي سماجي معاهدي تي يقين رکون ٿا، جتي حقن جو تحفظ هجي، جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضامن آهي، هر ذميوار معاشري وانگر اسان به پنهنجي شهرين جي ڀلائي چاهيون ٿا، آمريڪا سان تعميري، اثرائتي ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداري چاهيون ٿا، موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن جو م??اب??و ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان ويجهو سهڪار آهي، پاڪستاني عوام باصلاحيت آهي ۽ موجوده بحرانن تي ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. اهڙن خيالن جو هن هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سان ملاقات ۽ سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. نگران وزيراعظم هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جي وزيراعظم آفيس آمد تي آجيان ڪئي. هن آمريڪي معاشري طرفان حاصل ڪيل اڳڀرائي کي ساراهيندي چيو ته آمريڪي معاشري ۾ تنوع ٻين ملڪن لاءِ هڪ مثال آهي، گذريل 200 سالن ۾ آمريڪا زبردست ترقي ڪئي آهي، ان جو معاشرو روادار آهي ۽ آمريڪا علم ۽ هنر جي ميدان ۾ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو آهي، اهو حيرت انگيز آهي. هن چ??و ته ٻين ملڪن کي پنهنجي مفادن لاءِ ان مان سبق سکڻ گهرجي، ضروري ناهي ته آمريڪا سان هر معاملي تي اتفاق ٿئي. هن چ??و ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي تباهي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي جيڪو هڪ عالمي مسئلو آهي. هن چ??و ته سموري دنيا آمريڪا کي هڪ وڏي طاقت طور ڏسي ٿي، جڏهن ته گڏ ئي اها اميد رکي ٿي ته هو پاڻ کي گرين پاور ۾ تبديل ڪندو. گذريل سال بلوچستان ۽ سنڌ ۾ موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن سبب ٻوڏ تم??م وڏي تباهي ڪئي. هن چ??و ته پاڪستاني ڊاڪٽر آمريڪي معاشري ۾ اسان جي سڃاڻپ آهن. نگران وزيراعظم چيو ته ضروري آهي ته اسان جا نوجوان جتي به وڃن ڪامياب ٿين، پاڪستاني عوام تم??م گهڻي باصلاحيت آهي. هن چ??و ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، حڪومت هاءِ ٽيڪ، تعليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلا پيدا ڪرڻ تي توجهه ڏئي رهي آهي. هن چ??و ته حڪومت جي تبديلي آئيني طريقي سان عمل ۾ آئي ۽ جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضمانت آهي. جمهوريت ۽ عددي بنيادن تي آمريت ۾ فرق ڄاڻڻ تم??م صروري آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به جمهوريت جي نالي تي اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي، جمهوري معاشري ۾ هر فرد جي حقن جو تحفظ ضروري هوندو آهي. آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ جيڪا به قيادت چونڊجي ايندي آهي اها معاشري لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪندي آهي. هن چ??و ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر آئيني مدي دوران خرچن ۾ گهٽتائي، ٽئڪس اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڀرپور توجهه ڏيندي، پاڪستان ۾ اٽڪل 9 سيڪڙو آبادي پنهنجي ٽئڪسن مان جي ڊي پي ۾ حصو وجهي رهي آهي. نگران حڪومت جي مختصر دور ۾ غيردستاويزي معيشت، ماڻهن کي ٽئڪس نيٽ ۾ ڪيئن آندو وڃي ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪيئن ڪئي وڃي ان تي ڀرپور توجهه ڏيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن اڳوڻي سوويت يونين ۽ افغانستان جنگ ۽ ان کان پوءِ خطي ۾ پيش آيل واقعن دوران پاڪستان جي ڪردار جي وضاحت ڪئي. هن چ??و ته پاڪستان عالمي امن ۽ معيشت ۾ تم??م گهڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ماضي ۾ دنيا جي ٻن طاقتن آمريڪا ۽ روس وچ ۾ ڪيترين ئي چئلينجز کي منهن ڏنو. نگران وزيراعظم پاڪستان جي تاريخ ۽ قيام پاڪستان تي به خيالن جو اظهار ڪيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته جمهوريت پارليامينٽ کي تقويت بخشي ۽ پاڪستان ۾ گذريل 15 سالن کان لڳاتار 3 جمهوري حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو. نگران وزيراعظم سماجي نظم و ضبط جي تسلسل ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ جي اهميت تي به زور ڀريو. هن چ??و ته پاڪستان مختلف معاملن تي آمريڪا سان هاڪاري انداز ۾ مصروف عمل رهيو آهي. هن چ??و ته مختلف عالمي مسئلن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف ۽ اتفاق به ٿيو.