اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طارق فض?? چوڌري جي جوان پٽ جي حادثاتي موت جي ناقابل بيان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طارق فض?? چوڌري جي جوان پٽ جي ڪار حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي ڏک ٿيو آهي. والدين جي لاءِ ٻارن کي وڃائڻ کان وڌيڪ دل کي ڌوڏيندڙ ڪا شيءَ ناهي هو??دي. ناقابل بيان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجي دل چوڌري طارق فض?? ۽ سندس سوڳوار خاندان سان گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوم جي روح کي سڪون ڏي.