اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه م??لانا فضل الرحمان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ملاقات ڪئي. ملاقات ?? موجوده م??ڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان ۽ وفاقي وزير اسعد محمود گذريل ڏينهن سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت پاران شديد ردعمل ۽ قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته سوئيڊن جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت جو ان واقعي جي حوالي سان بيانيو ساراهه جوڳو آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ اتحادي حڪومت جي ملڪ ??ي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم اتحادي پارٽين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته م??ڪ ??ي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ اتحادين جي تعاون سان ممڪن ٿ??و آهي.