اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي جي ڊائريڪٽر پروگرام اڪبر ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن اڪبر ملڪ جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي قومي ٽي وي جي لاءِ خدمتن تي اڪبر ملڪ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته اڪبر ملڪ هڪ پروفيشنل، هر ڪنهن سان شفقت ۽ احترام سان ملندڙ شخصيت هئي، هو اداري ۾ پنهنجي پيشيواراڻي اهليت جي اع??يٰ معيار جي ڪري سڃاتو ويندو هو، ان جو لاڏاڻو قومي اداري جي لاءِ وڏو ??ق??ان آهي. اطلاعات واري وفا??ي وزير دعا ڪئي ته الله تعا??يٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اع??يٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي.