اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ت??قياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ماحولياتي ت??ديلي واري وزارت جي مختلف اسڪيمن جي لاءِ 4050 ملين رپيا رکيا ??يا آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب ماحولياتي ت??ديلي ڊويزن جي ٽن جاري اسڪيمن جي لاءِ 3950 ملين رپيا رکيا آهن، انهن اسڪيمن ۾ ڪيپسٽي بلڊنگ آن واٽر ڪوالٽي مانيٽرنگ اينڊ ايس ڊي جي (6.1)، ڪلائميٽ ريزيليئنٽ اربن هيومن اسٽيلٽمنٽس يونٽ ۽ گرين پاڪستان پروگرام جي اپ اسڪيل??گ شامل آهي جن جي لاءِ ترتيبوار 26.5 ملين رپيا، 20.950 ملين رپيا ۽ 3902.55 ملين رپيا رکيا ??يا آهن. ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ سرڪاري شعبي جي ت??قياتي پروگرام ۾ ڪلائميٽ چينج ڊويزن جي هڪ نئين اسڪيم جي ايم اوز ريگيوليشن بابت پاڪستان بائيو سيفٽي ڪليئرنگ هائوس شامل ڪئي وئي آهي، ان اسڪيم جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 200 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ ان اسڪيم جي لاءِ 100 ملين رپيا رکڻ جي ت??ويز ڏني وئي آهي. 22